ڪراچي – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي خالي جاين جي لاءِ ميمبرن جي نامزدگي ۾ غيرمعمولي دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهم جاين ۽ فورمز تي نامزدگي ۽ مقرري جو عمل لاڳاپيل فورم جو مدو ختم ٿيڻ يا ميمبر جي رٽائرمينٽ کان اڳ شروع ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهم نوعيت جي سمورن معاملن ۾ خلل ۽ دير نه ٿي سگهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ منعقد آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چي??رمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد، وفاقيو اردو يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ايم ضياءَ الدين، يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن ۽ وفاقي تع??يم ۽ پيسيواراڻي تربيت واري وزارت جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي جو هڪ باوقار اعليٰ تع??يمي ادارو آهي ?? ان کي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اداري جي انتظامي ۽ تع??يمي ونگز جي بنا رڪاوٽ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته وفاقي تع??يم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت کي وڌيڪ دير کانسواءِ نامزدگين جي عمل کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. صدر ايڇ اي سي ڪميٽي جي رپورٽ جو پڻ نوٽيس ورتو جنهن ۾ تع??يمي ?? انتظامي عهديدارن جي چونڊ ۽ مقرري ۽ ٻين معاملن ۾ بي ضابطگين جي نش??ندهي ڪئي وئي ۽ يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته اها تفصيلي رپورٽ پيش ڪري ۽ بي ضابطگين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ذميواري جو تع??ن ڪري. ايڇ اي اي چي??رمين اجلاس کي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۽ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن اتفاق ڪيو ته سينيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل ??ميت سمورن اهم فورمن کي وقت سر ۽ فوري فيصلا ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي.