اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ع??لم سڳورن تي زور ڏنو آهي ته اهي قرآن، سنت ۽ حديث نبوي ﷺ جي روشني ۾ اسلام جي حقيقي تعليم کي اجاگر ڪري انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي خاتمي لاءِ پنهنجو ??رد??ر ادا ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار علماءِ مشائخ يڪجهتي ڪائونسل آف پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو?? جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت علماءِ مشائخ يڪجهتي ڪائونسل آف پاڪستان جي چيئرمين قاري هدايت الله ميراڻي ڪري رهيو هو. وفد ۾ محمد يونس قريشي، مولانا گل ولي، ميجر احتشام الدين ڪياني، پروفيسر عبدالغفار شاهه بخاري، عبدالرحيم عباسي، نور الاهي، فهد مقصود، حميد الله خان، شيخ مظهر حسين، شيخ ضياءَ الرحمان، ع??لم مفتي محمود احمد تبسم ۽ جمال خان شامل هئا. صدر وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انتهاپسندي جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ ع??لم سڳورن پاران گڏيل ڪوششن سان هڪ جامع ايڪشن پلان جي ضرورت آهي. صدر انتهاپسندي جي حوصلا شڪني، سم??جي سڌارن ۾ ??رد??ر ادا ڪرڻ جي لاءِ ع??لم سڳورن تي زور ڏيندي چيو ته ع??لم سڳورا مثبت سم??جي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ??رد??ر ادا ڪن. صدر چيو ته معاشري ۾ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت آهي. ع??لم سڳورا اخلاقي قدرن، وسيلن جي بچت جي فروغ ۾ پنهنجو ??رد??ر ادا ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ع??لم سڳورا قومي يڪجهتي، مذهبي رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن کي فروغ ڏين. صدر چيو ته اها مذهبي اسڪالرن جي ذميواري آهي ته اهي اسلام جي حقيقي تعليم کي ماڻهن خاص طور تي ملڪ جي نوجوانن ۾ عام ڪن، سم??جي سڌارا آڻڻ ۽ معاشري ۾ نيڪي، اخلاقيات کي فروغ ڏين. هن چيو ته پاڪستان نظم ۽ ضبط، استقامت، اخلاقي راست بازي ۽ سم??جي انصاف کي فروغ ڏئي ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ عالمي دنيا ۾ پنهنجو صحيح مقام حاصل ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته ع??لم سڳورن کي معاشري ۾ فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪرڻ گهرجن ۽ ملڪ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوانن کي رواداري، درگذر ۽ امن جي تعليم ڏني وڃي ڇو ته اها سنت رسول صه آهي. صدر چيو ته اسلام وسيلن جي تحفظ ۽ زيان کان بچائڻ تي زور ڏنو آهي. ع??لم سڳورا مسجدن ۾ جمعي جي خطبي ذريعي وسيلن خاص طور تي ٻارڻ ۽ توانائي جي اعتدال ذميواراڻي ۽ پائيدار استعمال کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ڪن.