اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي مسلسل سنگين خلاف ورزين تي آواز اٿاريندو رهندو، پاڪستان ۽ چين خنجراب بارڊر کي ٻن مرحلن ۾ عارضي طور تي کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ڪائونسل آفم نسٽرز جي 26 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 25 جنو??ي تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند جو سرڪاري دورو ڪندو، پاڪستان روس بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ ??ي سي) جي واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون جو اٺون اجلاس (سڀاڻي) جمعي ڏينهن اسلام آباد م پڄاڻي تي پهچندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي افيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ظلم ۽ ڏاڍ جاري آهي. هن چيو ته ڀارتي قابض فوج ٻن ڪشميري نوجوانن کي بڊگام ضلعي ۾ هڪ جعلي مقابلي ۾ گاڏي مان لاهي گولي هڻي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته هڪ 75 سالا حراست هيٺ قيدي محمد مقبول خان جي ڪپواڙه جيل ۾ تشدد سان موت واقع ٿي. ترجمان چيو ته ان کي ۽ ان جي ٽنهي پٽن کي گذريل سال آگسٽ ۾ فرضي الزامن تحت حراست ۾ ورتو ويو هو، ڪپواڙه جي ڪٽن ڳوٺ ۾ هڪ خاندان گذريل هڪ مهيني کان پنهنجي پٽ ۽ ڀاءُ عبدالرشيد ڊار جي ڳولا ۾ آهي جن کي ڀارتي فوج جي ??اشٽريا رائفلز جي ??هلڪارن 15 ڊسمبر تي گرفتار ڪيو هو. ترجمان چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن دوران ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سوين ماڻهو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ??حويل ۾ گم ٿي چڪا آهن. هن چيو ته معتبر انگن اکرن موجب 1989ع کان هيستائين والاريل علائقي ۾ اٽڪل 8 هزار ماڻهو گم ٿي چڪا آهن، پاڪستان ڀارت جي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل سنگين خلاف ورزين تي آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??وام جي ??خلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي اقتصادي فورم جي ??جلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس ۾ آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪانگو جي ??در ۽ ٻين ملڪن جي ??ڳواڻن سان ملاقات ٿي آهي. ترجمان چيو ته فورم جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جمهوريه ڪانگو جي ??در کانسواءِ چين جي نائب وزيراعظم ليوهي کانسواءِ اسپين، سعودي عرب، بيلجيئم، فن لينڊ ۽ هالينڊ جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي ادارن ??ي سربراهن ۽ ميڊيا ۽ سوسائٽي ??ي سرگرم شخصيتن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين خنجراب بارڊر کي ٻن مرحلن ۾ عارضي طور کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ خنجراب بارڊر ٻن ڏينهن جي لاءِ 19 ۽ 20 جنوري ۽ ٻئي مرحلي ۾ هن سال جنوري جي ??خر کان فيبروري جي ??روع تائين چين جي ??هار جي ??هوار کانپوءِ کلندو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خنجراب بارڊر هر سال سردين جي مهينن ۾ بند رهي ٿو. چين مقامي واپارين ??ي سهولت لاءِ سرحد کي عارضي طور ٻيهر کولڻ جي پاڪستاني درخواست تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان چيو ته اسان خراب موسمي حالتن جي ??اوجود بارڊر آپريشنز کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن ??ي سرحدي عملدارن جي ??صوصي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ڪائونسل آف منسٽرز جي 26 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 25 جنوري ي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند جو سرڪاري دورو ڪندو. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان هن وقت سرڪاري دو??ي تي برسلز ۾ آهي، اهو دورو يو??پي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ سفير طور سندس دور جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري گذريل ڪجهه ڏينهن دوران يو??پي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي ??ڳواڻن ۽ اعليٰ سطحي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئر سينيٽر ايليسيا ڪليز ۽ بيلجيئم جي فلينڊس ريجن جي ??در جان جيمبون سان ملاقاتون ڪيون. هن يو??پي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس ??ي سيڪريٽري جنرل سانينو ۽ لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزارت ??ي سيڪريٽري جنرل اولنگر سان پڻ ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري يو??پي يونين ??ي سينيئر عهديدارن پڻ ملاقاتون ڪيون آهن جن ۾ يو??پي ڪائونسل بابت چيف فارن پاليسي ايڊوائيزر جي ??در کانسواءِ يو??پي ڪميشن جي ??در ??ي سفارتي صلاحڪار فرنينڊو گيماريس پڻ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان روس بين الحڪومتي ڪميشن (آ3 ??ي سي) جي واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون جو اٺون اجلاس اڄ جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهچندو. هن ٻڌايو ته ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ پاڪستان پاران آءِ ??ي سي جي گڏيل صدارتي اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق جڏهن ته روسي وفد جي قيادت توانائي واري وزير نڪولائي شولگينوف ڪري رهيو آهي. آءِ ??ي سي هڪ جامع ٻطرفو مڪينزم آهي جيڪو گڏيل تعاون جي ??هم مسئلن بشمول واپار، سيڙپڪاري، صنعت، ريلوي ۽ توانائي تي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. آءِ ??ي سي آخري ڀيرو نومبر 2021ع ۾ روس ۾ منعقد ٿيو هو. آءِ ??ي سي جو جاري اجلاس 20 جنو??ي تي پڄاڻي تي پهچندو.