لاهور – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي جلد منتقلي جي ??اء?? هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، ان سان نه رڳو آبادگارن جي في ايڪڙ لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي پر ڊيزل ۽ درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ٿيڻ سان قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادگار پئ??يج تي عملدرآمد ۽ سڄي ملڪ ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم توانائي واري وزير ۽ سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم پاران ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي ??اء?? پيش ڪيل تجويزن کي سا??اه??و. هن چيو ته آبادگار پئ??يج تي عملدرآمد حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت زراعت جي ترقي ۽ آبادگارن جي خوشحالي جي ??اء?? قدم کڻي رهي آهي، آبادگار پئ??يج ۾ ننڍن آبادگارن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولت، ٻج جي وقت سر ف??اه??ي، زراعت ۾ جديد مشينري جي حوصلا افزائي ۽ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ شامل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آبادگار پئ??يج جي حوالي سان سڄي ملڪ جي آبادگارن جي سمورين تنظيمن کي مشاورت جو حصو بڻايو وڃي، آبادگار پئ??يج تي عملدرآمد جي ??اء?? صوبن سان مشاورت ۽ تعاون پڻ يقيني بڻايو وڃي. هن هدايت ڪئي ته کاڄرو تيل جي پيداو??ر وڌيڪ وڌائڻ جي ??اء?? حڪمت عملي ماهرن جي ڪميٽي جي مشاورت سان جوڙي وڃي. هن ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافي جي ??اء?? جديد ۽ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ ٻج متعارف ڪرائڻ جي قدمن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي پاور ڊويزن پاران ٻڌايو ويو ته حڪومت زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي ذريعي ڊيزل ۽ بجلي سان هل??دڙ ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو حتمي مرحلن ۾ آهي، ان قدم سان ملڪ جي ڊيزل ۽ درآمدي ٻارڻ جي مد ۾ ساليانو 3.61 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي آبادگار پئ??يج، ڪڻڪ جي پوکيءَ ۽ پيداوار، ڪپهه ۾ جديد ٻج جي تعارف ۽ کاڄرو تيل جي پيداو??ر وڌائڻ جي ??اء?? قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ننڍن آبادگارن کي قرضن جي ف??اه??ي ۾ سهولت جي قدمن سان هن وقت 816.5 ارب رپين جا قرض ف??اه?? ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ حڪومت ڀاڻ جي قيمتن ۾ گهٽتائي، زراعت ۾ جديد مشينري جي استعمال ۽ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جا قدم کڻي رهي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن جي ڪري هل??دڙ سال 6 لک 32 هزار هيڪٽرز تي کاڄرو تيل جي ٻجن جي پوکي ٿي جنهن ۾ اي??دڙ سال اضافو متوقع آهي. ڪپهه جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جديد نسل جي ٻجن ۽ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ ٻجن کي متعارف ڪرائڻ جي ??اء?? عالمي ڪمپنين سان رابطي ۾ آهي ۽ ان تي تمام جلد مثبت اڳڀرائي متوقع آهي. وزيراعظم انهن سمورن قدمن تي مقرر مدي ۾ عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب، خرم دستگير خان، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.