نيو??ار?? – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيو??ار?? ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ساباڪوروسي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ق??ار??اد منظور ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ?? گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ماحولياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي جي بحران، پائيدار ترقي جي هدفن سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. جنرل اسيمبلي جي صدر گروپ آف 77 ۽ چين جي ڪامياب قيادت تي پاڪستان کي ساراهيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر پرڏيهي وزير کي مارچ 2023ع ۾ گڏيل قومن جي ايندڙ پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر کي پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.