اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آئيني اختيار استعمال ڪندي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير کي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڳالهه خميس تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنج?? ٽوئيٽ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ان حوا??ي سا?? سمري صدر کي موڪلي وئي آهي.