اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي مو??عي تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اطلا??ات واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان مو??عي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي لاءِ بهتري?? ۽ ??حفوظ جڳهه آهي، پاڪستان حڪومت انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي بهت??ين سي??يو??ٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلا??ات واري وفاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان مو??عي تي برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس بهت??ين مهمان نوازي تي پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پاران اطمينان جوڳي سي??يو??ٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان بهت??ين ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ بهت??ين راند پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.