اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ??رط??نيا جي وچ ۾ مضبوط حصيداري تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻطرف?? واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام جي سطح تي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??رط??نيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر دي رائٽ آنرايبل اينجلاريز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هائوس آف لارڊز جي ميمبر لار?? واجد خان سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ??رط??نيا جي ليبر پارٽي جي ڊپٽي ليڊر پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. وزيراعظم پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندڙ 16.5 ملين پائونڊ جي انساني امداد تي ??رط??نيا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ ??رط??نيا جي پراڻي حصيداري تي زور ڏيندي وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 1.6 ملين پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لار?? واجد خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته ??رط??نيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۽ بحالي جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. ??رط??نيا جي وفد وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.