اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي)ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان ڪلائميٽ ويڪ نيويارڪ سٽي 2022ع ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا رواني ٿي وئي. هوءَ ڪلائميٽ ويڪ نيويارڪ سٽي سي ڊبليو اين واءِ سي 2022ع ۾ پ??ڪس??ان جي نمائندگي ڪندي. موسمياتي تبديليءَ واري وزارت مطابق شيري رحمان ڪلائميٽ ويڪ ۾ پ??ڪس??ان کي درپيش ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جي حوالي سان سڄي دنيا کي آگاهه ڪندي. شيري رحمان مختلف ملڪن ۽ شراڪتدارن سان پري ڪاپ 27 ملا??ات??ن پڻ ڪندي. وفاقي وزير و??ير??عظم جي قيادت ۾ پ??ڪس??ان جي و??د سان گڏ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي. شيري رحمان يو اين جي اي اجلاس ۾ شرڪت سان مختلف ملڪن جي وزيرن، نمائندن ۽ عالمي ادارن جي سربراهن سان ٻه طرفيون ملا??ات??ن پڻ ڪندي.