اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صارف جي اپيل منظور ڪندي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي بئنڪ فراڊ ڪيس ۾ بدانتظامي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ شهرين جي نه پر مئني??ر جي ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ايبٽ آباد جي رهائشي عاشق حسين جي اپيل منظور ڪندي چيو ته دوکي سان هڙپ ڪيل رقم صارف کي منافعي سان گڏ واپس ڪئي وڃي. هن چيو ته نيشنل بئنڪ جي سينيئر انتظاميا بئنڪ برانچ ۾ ايم??ند??ر بئنڪ ??مل??ار مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هڪ سادي ۽ اڻپڙهيل صارف کان برانچ مئنيجر 10 لک رپين جي رقم فراڊ ذريعي هڙپ ڪئي هئي. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ شهري کي رقم جمع ڪرائيندي ڪوتاهي جو ذميوار قرار ڏنو هو، محتسب رقم ڪيشيئر بدران مئنيجر کي جمع ڪرائڻ، رسيدن تي صحيحن جي حوالي س??ن ضابطيڪار جي خلاف ورزي تي شهري کي ريليف فراهم نه ڪيو. صدر چيو ته بئنڪنگ قانونن موجب ڪاررواين کي مڪمل ڪرڻ مئني??ر جي ذميواري اهي نه وري اها شهرين جي ذميواري آهي، بئنڪ پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، بئنڪ ۾ ديانتدار عهديدارن جي مقرري ۾ ناڪامي صارفين جي اعتماد کي ٺيس پهچايو آهي. صدر چيو ته فرض جي عدم ادائيگي سان بنا ڪنهن شڪ جي بئنڪ جي ساک کي نقصان پهتو، ??مل??ار پاران بئنڪ برانچ جي ??ند?? دوکيبازي جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. هن چيو ته بئنڪ ان رقم جي معاملي ۾ ذميواري کان آجي نه ٿي ٿي سگهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته نيشنل بئنڪ حڪمن تي ??مل??رآمد ڪري ۽ 60 ڏينهن جي ??ند?? وفاقي محتسب کي رپورٽ جمع ڪرائي.