اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي غير رجسٽرڊ کنڊ ج?? ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن ايف بي آر کي 60 ڏينهن ۾ جامع عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب ۾ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ب??ان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ کنڊ ج?? وڏن خريدارن ۽ غير رجسٽرڊ ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ايف بي آر وٽ ڊي??ا جي دستيابي جي باوجود وڏي مقدار ۾ کنڊ جا خريدار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، صدر چيو ته کنڊ ج?? غير رجسٽرڊ خريدار ٽيڪس ادائيگي جي قومي ذميداري ادا نه ڪري رهيا آهن، صدر ايف بي آر جي وفاقي ٽيڪس محتسب جي هدايتن جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. وفاقي ٽيڪس محتسب پرائيويٽ شوگر ملز کان کنڊ ج?? غير رجسٽرڊ خريدارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ تحقيقات جو آغاز ڪيو هو، گذريل چئن سالن دوران ملز مختلف غير رجسٽرڊ خريدارن کي 2.7 ارب روپين جي کنڊ فراهم ڪئي، صرف ٽن خريدارن وٽ قومي ٽيڪس نمبر هو، ايف بي آر ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ تي ڌ??ان نه ڏنو، شوگر ملن وٽ کنڊ ج?? سپلائي ۽ خريدارن جو رڪارڊ هوندو آهي، ايف بي آر شوگر ملن جي ڊي??ا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، محتسب چيف ڪمشنر، ايل ٽي او ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو غير رجسٽرڊ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪري، ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي هئي. صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز غير رجسٽرڊ خريدارن ج?? معلومات گڏ ڪرڻ ۾ چوڪس نه آهي، ايف بي آر ملز جي ماهوار سيلز ٽيڪس گوشوارن تي مطمئن آهي، ڊي??ا جي جاچ نه پئي ڪئي وڃي، ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز شوگر ملز جي ڊي??ا جو وقت سر تجزيو ڪري خريدارن جا تفصيل حاصل ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته ايف بي آر جي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ سنگين غفلت ۽ نااهلي بدانتظامي جي برابر آهي، ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي کنڊ ج?? شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي، صدر هدايت ڪئي ته ايف بي آر 60 ڏينهن ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب کي عملدرامد جي جامع رپورٽ پيش ڪري.