اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪس??ان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملن جي وچ ۾ تعميري رابطا خطي ۾ امن ۽ ترقي کي فروغ ڏيندا. ا??وا?? صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪ?? ڪانگريس جي ميمبر الهان عمر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ا??وا?? صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پ??ڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻطرفي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم ۾ بهتري ايندي. صدر چيو ته ڀارت ۾ مودي حڪومت پاران اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خلاف ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ هو انهن جي خلاف انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي. صدر آمريڪ?? ڪانگريس ميمبر سان ملاقات دوران خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پ??ڪس??ان جي ڪردار ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پ??ڪس??ان جي قربانين کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته آءِ ٽي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سڀ کان اهم شعبو آهي ۽ آمريڪي واپاري ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪ?? ڪانگريس ميمبر الهان عمر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن اسلامو فوبيا جي خلاف پ??ڪس??ان جي ڪردار خاص طور تي ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ ق??ار??اد جي منظوري کي ساراهيو.