اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پاڪ ??حريه جي سربر??هه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات ڪئي. پاڪ ??حريه جي ترجمان موجب ملاقات دوران علائقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ??ئلينجز ۽ پاڪ ??حريه جي ڪردار تي ت??صيلي بريفنگ ڏني وئي. ترجمان موجب ان موقعي ت?? پرڏيهي وزير پاڪ ??حريه جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اڀرندڙ ميري ٽائيم چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ ??حريه کي هر ممڪن حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي وزير ملڪي معيشت ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي اهميت ۽ ان حوالي سان پاڪ ??حريه جي ڪردار کي ساراهيو. هن سامونڊي سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ تي پاڪ ??حريه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. امير البحر نيول هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪرڻ تي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪ ??حريه سدائين پنهنجي ملڪي سامونڊي سرحدن ۽ سامونڊي مف??دن جو تحفظ جاري رکندي.