راولپنڊي – 08 جنوري (اي پي پي) مريءَ ۾ سخت برفباري ??ان بند جهيڪا گلي گهڙيال ۽ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو. آرمي انجنيئرز ۽ فرنٽيئرز ورڪس آرگنائيزيشن، ايف ڊبليو او جي دستن ڊوزرز ۽ ٻي هيوي مشينري ??ان اهي رستا کوليا، جهيڪا گلي، ڪلڊنه روڊ کي کولڻ جي لاءِ ??رمي انجنيئرز جا دستا مصروف آهن، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي کاڌو ۽ ٻيو ضروري سامان پڻ فراهم ڪيو پيون وڃي. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ??يس پي آر) پاران جاري ??ڌرائي موجب ترجمان چيو ته فوجي دستا سول انتظاميا جي مدد ۾ مصروف آهن، مري ۾ موجود سمورن وسيلن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي. جهيڪا گلي ڪلڊنه روڊ پڻ جلد کلڻ جو امڪان آهي. ترجمان موجب برفباري ۾ ڦاٿل ماڻهن کي آرمي پبلڪ اسڪول ڪلڊنه ۾ ڇت ۽ خوراڪ جي لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي. ايف ڊبليو او ۽ آرمي انجنيئرز جا دستا ۽ مشينري رستن کي کولڻ جي لاءِ متحرڪ آهن، رستا کولڻ جي لاءِ ڊوزر مظفرآباد کان منتقل ڪيا ويا آ??ن. ??رجمان ٻڌايو ته ٽرپل ون برگيڊ جا جوان بهاره ڪهو ۾ روڊ کولڻ ۾ مصروف آهن جڏهن ته ضروري کاڌي پيتي جون شيون پڻ فراهم ڪري رهيا آ??ن. ??رجمان ٻڌايو ته پاڪ فوج پاران ملٽري ڪاليج مري، جهيڪا گلي، اي پي ايس ڪلڊنه ۽ اسٽيشن سپلاءِ ڊپو سٽي بئنڪ ۾ چار ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن.