اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو آهي ته فنانس بل ۾ ترميم پيش ڪرڻ جي موقعي تي شهباز شريف ۽ بلاول زرداري ايوان مان اڄ وري گم رهيا، مخالف ڌر جو رويو غير جمهوري هو. فرخ حبيب قومي اسيمبلي مان فنانس بل جي منظوري کانپوءِ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اڄ به مخالف ڌر جو رويو غير جمهوري هو، مملڪتي ??زي?? چيو ته مخالف ڌر ميمبر دليل سان ڳال??ه ڪرڻ بدران بدتميزي جو طوفان مچائيندا رهيا، فرخ حبيب چيو ته قانونسازي روڪڻ جا دعويدار گم ٿي ويا.