اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان بيلجيم سان ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ سياسي، اقتصادي، واپاري، تعليمي، سائنسي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي امڪاني خطرن کي روڪڻ ۽ افغانستان کي هڪ دفعو بيهر دهشتگردن جي پناهگاهن بڻجڻ کان محفوظ رکڻ لاءِ عالمي برادري جو تعاون اڻٽر آهي. پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن برسلز ۾ بيجليم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير صوفي ولمس سان ملاقات دوران چئي. ڳالهين دوران پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو، پرڏي??ي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان بيجليم کي هڪ ويجهي دوست ۽ هڪ اهم واپاري حصيدار جي طور ي قدر جي نگاهه سان سڏي ٿو. پرڏي??ي وزير پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ چڱي خاصي اضافي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وڌندڙ ٻطر??ي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. شاهه محمود قريسي چيو ته پاڪستان بيجليم سان ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سياسي، اقتصادي، تجارتي، تعليمي، سائنسي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، علائقائي صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪندي پرڏي??ي وزير چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ انساني بحران جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ، معيشت جي بحالي ۽ ڊگهي مدي واري امن ۽ استحڪام لاءِ عالمي برادري کي موثر ۽ سنجيده ڪوششون ڪرڻ گهرجن. پرڏي??ي وزير چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي امڪاني خطرن کي روڪڻ ۽ افغانستان کي هڪ دفعو بيهر دهشتگردن جي پناهگاهه بڻجڻ کان محفوظ رکڻ لاءِ عالمي برادري جو تعاون اڻٽر آهي، پاڪستان عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي خراب معاشي صورتحال طرف ڇڪرائڻ لاءِ 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پرڏي??ي وزير پنهنجي هم منصب کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري اناسني حقن جي سنگين پائمالين ۽ خطي جي امن کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو، پرڏي??ي وزير چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين ۽ ڪشميري عوام کي خودمختياري واري حق جي فراهمي کان انڪار، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن، هن چيو ته ڪنهن به بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ ڀارت سرڪار کي پنهنجي 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن تي نظرثاني ڪرڻي وپندي، بيلجيم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير صوفي ولمس پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار۽ سفارتي اهلڪارن، عالمي تنظيمن جي عملي ۽ ٻين غير ملڪين جو ڪابل کان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي ٻي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. هن خاص طور تي آپريشن ”ريڊ ڪائٽ“ جي ڪامياب انعقاد لاءِ پاڪستان جي حمايت تي ٿورو ادا ڪيو، جنهن ۾ 201 بيلجين شهرين سميت 1400 ماڻهن کي افغانستان مان حفاظت کان ڪڍيو ويو، واضح رهي ته تقريب هڪ ڏهاڪي کانپوءِ پاڪستان جي ڪنهن پرڏي??ي وزير جو اهو پهريون بيجليم جو دورو آهي. پرڏي??ي وزير بيجليم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏي??ي وزير صوفي ولمس کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هنن خوشي سان قبول ڪندي پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.