اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ متحده ??رب امارات جي وچ ۾ گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل بهترين ڀائراڻا ٻطرفا لاڳاپا قائم آهن، پاڪستان وچ اوڀر کي افغانستان ۽ وچ ايشيا سان ملائڻ لاءِ تيار آهي. متحده ??رب امارات جي 50 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير پاڪستاني قيادت پاران متحده ??رب امارت جي قيادت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ متحده ??رب امارات جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، متحده ??رب امارات جيڪي بي مث??ل ترقي جا مدارج طئي ڪيا آهن اهي متحده ??رب امارات جي باني شيخ زايد بن سلطان النهيان جي دور انديش قيادت کا??سواءِ ممڪن نه هئا، ان عظيم اڳواڻ کي پاڪستان سان تمام گهڻو لڳاءُ هو. هن پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سماجي ۽ اقتصادي منصوبن ۾ ذاتي دلچسپي ورتي ۽ پاڪستاني ورڪرز کي متحده ??رب امارات ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو، هي پاڪستاني، پاڪستان ۽ متحده ??رب امارات جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪندو هو، متحده ??رب امارات ۾ سندس جانشين اڳواڻ شيخ زيد جي طئي ڪيل اعليٰ معيارن جي پيروي ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان جي وزيراعظم چونڊجڻ کا??پوءِ پاڪستان ۽ يو اي اي جي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا. وزيراعظم عمران خان ۽ محمد بن زيد النهيان جي بار بار ٿيندڙ دورن اسان جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه پيدا ڪئي آهي، اسان جي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا به مضبوط ٿي چڪا آهن، هن چيو ته اسان عالمي فورمن تي به گڏيل تعاون جاري رکيا آهن، اسان متحده ??رب امارات کي 23 -2022ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ چونڊ ۽ ڪوپ 26 جي ميزباني تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، متحده ??رب امارات جي فائونڊيشن جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اسان ايڪسپو 2020ع جي ڪامياب ا??عقاد تي به مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هي وچ اوڀر، اتر آفريقا ۽ ڏکڻ ايشياخطي ۾ پهرين عالمي نمائش آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ متحده ??رب امارات جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا اسان جي ٻطرفي لاڳاپن جو هڪ اهم حصو آهن ۽ مسلسل وڌي رهيا آهن، 8 بلين ڊالر کا?? وڌيڪ جي گڏيل واپار سان متحده ??رب امارات وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي خطي ۾ پاڪستان جو سڀ کا?? وڏو واپاري حصيدار آهي، ان جو شمار پاڪستان ۾ سڀ کا?? وڏي غير ملڪي سيڙپڪارن ۾ ٿيندو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي مسلسل اڳڀرائي ۽ گوادر بندرگاهه جي آپريشنل ٿيڻ سان پاڪستان وچ اوڀر کي افغانستان ۽ ان کا??پوءِ وچ ايشيا سان ملائڻ لاءِ تيار آهي، اسان جي خطن جي وچ ۾ بهتر رابطا اسان جي ماڻهن جي لاءِ ڪافي فائديمند ٿيندا.