اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀ??رت جي غاصباڻي فوجي قبضي جي خلاف ڪنٽرول لائين جي ٻنهي ط??فن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ اربع ڏينهن ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. ڀ??رت 27 آڪٽوبر 1947ع تي عالمي قانونن کي لتاڙيندي ط??قت جي زور تي ڪشمير تي قبضو ڪري ورتو هو جنهن کي برقرار رکڻ جي لاءِ هو والاريل علائقي ۾ انساني حقن جون سنگين پائماليون ڪري رهيو آهي. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن م ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پڻ ان موقعي تي جلسا جلوس ۽ ٻيون تقريبون ٿينديون جڏهن ته ميڊيا تي والاريل ڪشمير ۾ ڀ??رت جي رياستي دهشتگردي کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ مختلف پروگرامز ٿيندا. سرڪاري ۽ نجي ٽي وي چينلز کانسواءِ ??يڊيو پاڪستان پڻ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ??صوصي پروگرامز نشر ڪندو. پرنٽ ميڊيا ان موقعي تي خصوصي مضمون پڻ شايع ڪندي. اسلام آباد کانسواءِ چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ خصوصي واڪس جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو جن ۾ ڪشميري اڳواڻ، ناليوارين شخصيتن ۽ اعليٰ حڪومتي نمائندن کانسواءِ ??ندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. ان موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ ڀ??رت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن سان گڏوگڏ ڀارتي قابض فوج پاران ڪشميري عوام تي ڪيل وحشياڻي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ واڪس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا. ڪاري ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڪشمير بابت بحثن، سيمينارز ۽ والاريل ڪشمير جي عوام تي ڪيل ظلمن جي عڪاس تصويرن تي ٻڌل تصويري نمائشن جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو. ڪاري ڏينهن تي اهم سياسي اڳواڻن ۽ ناليوارين شخصيتن پاران خصوصي پيغام پڻ جاري ڪيا پيا وڃن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو ته 74 سال اڳ 27 آڪٽوبر تي قابض ڀارتي فوج ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ۽ ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ جي لاءِ ??مورن قانونن ۽ انساني حقن کي لتاڙيندي سرينگر ۾ داخل ٿي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀ??رت عيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ذريعي والاريل ڪشمير جي تڪراري علائقي جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون فوري طور تي بند ڪري ۽ هڪ طرفا غيرقانوني قدم واپس وٺي.