اسلام آباد – 07 – آ??ٽو??ر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر روئندڙ ٻارن جو ميڙ آهي جنهن جو ڪم صرف روئڻ آهي، جيڪي به سڌارا آڻيون، مخالف ڌر جو ڪم ان تي گوڙ ڪرڻ ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ آهي، نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪندڙن جون اڪثر تجويزون ان آرڊيننس ۾ شامل آهن، ڪابينا ربيع الاول ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو، وزيراعظم عمران خان آچر تي سيرت ڪانفرن?? کي خطاب ڪندو، سڄي ملڪ ۾ تحريڪ انصاف جون ضلعي تنظيمون وزيراعظم جو خطاب سڌو سنئون ڏيکارينديون، تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ڀرپور طريقي سان ??لهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا پنهنجي گذريل اجلاس ۾ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو، وزيراعظم عمران خان جي خواهش هئي ته ان حوالي سان سمورين تقريب?? پارٽي شرڪت ڪري، ان ??قصد جي لاءِ هن پوري پارٽي کي گڏ ڪيو ۽ هدايت جاري ڪئي ته تحريڪ انصاف جي سموريون ضلعي تنظيمون ان حوالي سان تقريبن جو انعقاد ڪن. هن چيو ته وزيراعظم آچر تي سيرت ڪانفرن?? کي خطاب ڪندو ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ جو آغاز ۽ افتتاح ڪندو. ان خطاب جي تقريب پاڪستان تحريڪ انصاف جون سموريون ضلعي تنظيمون سڌو سنئون ڏيکارينديون. اهي تقريبون منعقد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان ??نهنجي نبي ﷺ سان ??نهنجي رشتي جو اظهار ڪري سگهون، هن چيو ته وزيراعظم عمران خا?? پارٽي تنظيم سازي جي حوالي سان رپورٽ به طلب ڪئي آهي، تنظيم سازي جي حوالي سان اسان حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، مقامي حڪومتن جون چونڊون به ويجهو اچي رهيون آهن ۽ ضروري آهي ته مقامي حڪومتن جي چونڊن کان ??هرين پي ٽي آءِ جي تنظيم سازي مڪمل ٿئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نيب آرڊيننس تي جيڪي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن جون اڪثر ترميمون انهي آرڊيننس جو حصو آهن. ٽرائل ڪورٽ?? کي ضمانت جو حق ڏيڻ، ٽيڪس جي ڪيسن کي نيب جي پهچ کان ??ٽائڻ ۽ نيب جي عدالتي نظام کي تبديل ۽ مضبوط ڪرڻ تي سڀني جو اتفاق هو، اسان ان ۾ ٽيڪنالاجي آندي آهي، هاڻي ان کانپوءِ نه ڪنهن کي اعتراض آهي ته هو پارليامينٽ ۾ کڻي اچي پي ٽي آءِ ان ??يب آرڊيننس جي پويان بيٺل آهي، وفاقي وزير چيو ته نيب سڌارا هجن يا الي??ٽو??يل ريفارمز، مخالف ڌر کي ان جي مخالفت ڪرڻي آهي، مخالف ڌر روئندڙ ٻارن جو ميڙ آهي، ان جو ڪم صرف روئڻ آهي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انگلينڊ ۽ نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جو دورو ختم ٿيڻ تي پوري دنيا ۾ ڪرڪيٽرز ۽ ماڻه?? پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون، ڀارت ان دوري کي ناڪام بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، هن چيو ته اڄ نيوزيلينڊ به پاڪستان اچڻ چاهي پئي ۽ انگلينڊ پنهنجي سيريز ڪنفرم ڪري ڇڏي آهي.