اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن هدايت ڪئي آهي ته ضروري شين جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ جتي انهن شين جي دستيابي جي حوالي سان جامع منصوبابندي ڪئي وڃي اتي سمورا ضروري انتظامي قدمن موثر طريقي سان کڻڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ مسلسل نظر ر??يو ڃي ۽ ان سلسلي ۾ صوبن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم اهي هدايتون پ??هنجي صدارت هيٺ ضروري شين جي قيمتن ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جي سلسلي ۾ جائزي اجلاس جي دوران ڏنيون.