اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ورڪرز ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر عمران ا??ماعيل، قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب صديقي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، سعيد آفريدي، جمال صديقي، شاهنواز جدون، علي عزيز، شهزاد قريشي، پارٽي ميمبرن ڊاڪٽر سيما ضياءَ، عدنان ا??ماعيل، محسن گهمڻ، ملڪ عارف ??دنان، راجيش ڪمار، رميش ڪمار ۽ امين محمد شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ملڪي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ کنيل قدم?? تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي تڪن ۾ پارٽي کي منظم ڪرڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي عوامي فلاحي منصوبن ت?? اڳڀرائي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.