اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??يپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي خراب طرز حڪمراني جو نش??نو انڊسٽريز ۽ عام ماڻهو جي روزگار کي بند ڪري بڻائي رهي آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد جي حوالي سان سنڌ سڀ کان ??ٺتي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??ڪ طرفي لاڪ ڊائون بدران اين سي او ??ي جي فورم تان ??ومي سطح تي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ??يصلاسازي کي اهميت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اهڙي غلطي سنڌ حڪومت اڳ ۾ به ورجائي چڪي آهي، اقتدار جي نشي ۾ بدمست سنڌ حڪومت جي ذميوارن کي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي مشڪلاتن جو ڪو احساس نه آهي.