اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص ??دد??ار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام وزيراعظم عمران خان جي غريب، مزدور ۽ پورهيت طبقي سان محبت ۽ احساس جو اظهار آهي، اهو پروگرام محروم طبقن جي معاشي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۾ ??دد??ار ثابت ٿيندو، هلندڙ هفتي حقدارن کي اها رقم ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو، مستحقين حصيداري بئنڪن مان رقم وصول ڪري سگهندا ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي اضافي ڪائونٽرز جو انتظام پڻ ڪري رهيا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص ??دد??ار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نئين پاڪستان جي اي??نڊا احساس ۽ عوام جي خدمت آهي، ڪيش پروگرام تحت 144 ارب رپيا 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن ۾ ورهايا ويندا، مستحق خاندانن کي 12 هزار رپيا گڏ ادا ڪيا ويندا.