اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا جي فوري ??ور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرري ۽ لفيٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير جي فوري ??ور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيف آف آرمي اسٽاف مقرري ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا جي فوري ??ور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرري ڪري ڇڏي. بطور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرري 27 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿي??دي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير جي فوري ??ور تي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيف آف آرمي اسٽاف مقرري ڪري ڇڏي. چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري 29 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿي??دي. صدر ترقيون ۽ مقرريون آئين جي آرٽيڪل 243 چار اي ۽ بي، آرٽيڪل 48 ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952ع جي سيڪشن 8 اي ۽ 8 ڊي تحت ڪيون. صدر ان حوالي سان خميس ڏينهن ملندڙ سمري ??ي صحيحون ڪيون.