ڪراچي -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آ??ي، ته ??اڪستان ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب انساني الميو جنم وٺي رهيو آ??ي، پاڪستان کي فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آ??ي، گڏيل قومون ۽ عالمي ادارن کي مشڪل جي هن گهڙي ۾ فراخدلي سان پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ??اڪستان ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي آئي آ??ي، دنيا جي ڪنهن به آفت دوران ايتري تباهي نه ڏٺي، ان صورتحال کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ??وڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، فصلون تباهه ٿيون، چوپايو مال لڙهي ويو، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهو پنهنجا گهر ٻار، ۽ روزگار وڃائي ويٺا آهن. اهڙي صورتحال سبب پاڪستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ??وسمياتي تبديلي اڄ جو وڏو مسئلو آهي. پاڪستان ٻين ملڪن جي قدمن جي قيمت چڪائي رهيو آهي. ڪاربن پکيڙڻ سبب جي-20 ملڪن جو حصو 80 سيڪڙو آ??ي، ترقياتي ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي و??ڻ گهرجي، صنعتي ملڪن کي بدترين ڪاربن جي نيڪال ڪرڻ ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، اڄ پاڪستان موسمياتي تبديلي جو شڪار آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ هوندو، جيڪڏهن فوري طور قدم نه کنيا ويا ته ??ستقبل ۾ تمام گهڻا خطرا هوندا. سيڪريٽري جنرل چيو ته ??شڪل جي هن گهڙي ۾ گڏيل قومون ۽ عالمي برادري کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ??اڪستان کي لکين ماڻهن جي بحالي لاءِ فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته ترقي يافته ??لڪن کي سنجيدگي سان هن ڳالهه تي سوچڻو پوندو ته آفت جي هن صورت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪهڙي طرح ڪئي و??ي. کين پاڪستان سميت ٻين اسرندڙ ملڪن کي مشڪل مالي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد لاءِ نئون طريقو جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري تيزي سان پاڪستان جي مدد لاءِ اڳتي و??ندي. هن چيو ته ??اڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت امدادي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ اڳتي و??ي مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي بلاول ??ٽو زرداري ڳالهائيندي چيو ته ??وڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو هن مشڪل جي گهڙي ۾ پاڪستان جو دورو سٺو سنئوڻ آهي. هن دوري سان عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ امدادي ڪوششن ۾ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ڀرپور مصروفيتن باوجود پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته ??وڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.