اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپار (مصنوعات جي واپار) جي معاهدي تي صحيحون ڪري ??ڏيون آه??. معاهدي تي صحيحن واري تقريب وزيراعظم آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ و??يراعظم شهباز شريف، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ترڪيه جي واپار واري وزير مهمت موش ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار واري وزير مهمت موش معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ترڪيه زرعي ۽ صنعتي شعبن جي پاڪستان جي مختلف مصنوعات جي برآمد تي 261 ٽيرف لائينز جڏهن ته پاڪستان 130 ٽيرف لائينز جي رعايت ڏني آه??. ٻطرفي واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ 2016ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ ان وقت ترڪيه جي معيشت واري وزير مصطفيٰ علي تاس ۽ پاڪستان جي واپار واري وزير خرم دستگير خان صحيحون ڪيون هيون. فريم ورڪ معاهدي تحت مختلف اهڙن شعبن جي نشاندهي جي لاءِ گڏيل اسٽڊي شروع ڪئي جنهن ۾ و??پار جي راهه ۾ ايندڙ ٽيرف جون رڪاوٽون ختم ڪري ٻئي ملڪ اڳڀرائي ڪري سگهيا پئي. مئي ۾ و??يراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري ??ان اڳ تائين ترجيحي واپار جي معاهدي تي ڳالهين جو عمل سستي جو شڪار رهيو. ان دوري ??انپوءِ ترجيحي واپار جي معاهدي تي تيزي سان اڳڀرائي ٿي ۽ ان معاهدي جي لاءِ ڳالهيون 19 دورن کانپوءِ 12 آگسٽ تي معاهدي کي صحيحن جي لاءِ حتمي شڪل ڏني وئي. مصنوعات جي واپار جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 5 ارب ڊ??لر تائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجيحي واپار جي معاهدي تحت پاڪستان 216 ٽيرف لائينز ۾ مارڪيت تائين پهچ حاصل ڪئي آه?? ۽ انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي برآمدات جو ڪاٿو 5.1 ارب ڊ??لر جڏهن ته ترڪيه جي انهن مصنوعات جي عالمي درامدات 7.6 ارب ڊ??لر آهي. پاڪستان جن 130 ٽيرف لائينز تي رعايت ڏني آه?? انهن ۾ ترڪيه جي عالمي برامدات 23 ارب ڊ??لر آهي جيڪا ترڪيه جي عالمي برآمدات جو 12 سيڪڙو بڻجي ٿي جڏهن ته انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي درآمدات 6 ارب ڊ??لر آهي. 22 – 2021ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جو ٻطرفو واپاري ??اٿو 883 ملين ڊ??لر رهيو جن ۾ پاڪستان جي ترڪيه جي لاءِ برآمدات جو ڪاٿو 366 ملين ڊ??لر جڏهن ته ترڪيه سان پاڪستان جي برآمدات 517 ملين ڊ??لر هئي ۽ 22 – 2021ع ۾ و??پاري توازن ترڪيه جي حق ۾ 151 ملين ڊ??لر رڪارڊ ڪيو ويو.