اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير عابد حسين ڀيو چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي پرامن ماڻهن کي ڀارتي ظلم برداشت ڪندي 7 ڏهاڪ?? کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ??ه ڀارتي فوج اسان ڪشميري ڀائرن ??ينرن جو استحصال ڪري رهي آهي. نجڪاري واري وزارت پاران جاري بيان ۾ عابد حسين ڀيو چيو ??ه ڀارت 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿو. نجڪاري واري وزير چيو ??ه ڀارتي ڏاڍ جي ڪري ڪشميري ڀينرن ??ائرن جو پوري دنيا سان رابطو ڪٽجي چڪو آهي. هن چيو ته سمورا پاڪستاني ۽ حڪومتي نمائندا ڀارتي ظلم جي خلاف هر سطح ت?? آواز اٿاريندا رهندا. نجڪاري واري وزير چيو ته عالمي انساني ??قن جون تنظيمون ڀارتي غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي اڳتي اچن.