ڪراچي – 05 ̵1; آ??سٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام آزادي جي اظهار ۽ ٻين بنيادي حقن کان محروم آهي، ڀارت پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ??ار?? بيان ۾ هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج پاران ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ??ار?? گهيراءُ کي بنا ڪنهن دير جي ختم ڪيو وڃي، ڀارت جي 370 ۽ 35 اي ۾ تبديلي گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڀارتي قدم خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گڏيل قومون ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق بحال ڪرائي. سنڌ جي وقتي گورنر چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي تحريڪ کي دٻائڻ مودي حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي، جيستائين ڪشميري?? کي آزادي نه ٿي ملي وڃي هڪ به پاڪستاني سک سان نه ويهندو. آغا سراج دراني چيو ته ياسين ملڪ ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سڀني حريت پسند?? کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي هر ممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ??ار?? رکندو.