اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??لڪ ۾ ڪورونا وائرس جي بيماري کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪورونا ڪيسز جي ٻيهر وڌندڙ انگ کي نظر ۾ رکندي منهنجي سڄي قوم کي اپيل آهي ته ڪورونا بابت هدايتن ۽ ايس او پيز تي عمل ڪن. هن چيو ته اسان جو فرنٽ لائين ورڪرز ۽ ڊا??ٽر?? اسان کي محفوظ رکڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن. اسان کي ڪورونا وائرس جي وبا جي خلاف انهن حاصل ڪيل ڪاميابين کي ضايع ناهي ڪرڻو.