اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه گذريل چار سال پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ صرف عمران خان، ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀريا ويا، ملڪ کي عمران خان لميٽڊ ڪمپني جي طور تي هلايو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته گذريل چار سال وزيراعظم ??و اختيار عوام کي بکيو، غريب ڪرڻ، معاشي تباهي ۽ ڪشمير فروشي لاءِ استعمال ٿيو، پيٽرول، بجلي، گئ??، دوائون، اٽو، کنڊ، پٽاٽا، بصر، تيل سوچيل سمج??يل حڪمت عملي تحت مهانگو ڪيو ويو، هن چيو ته سوچيل سمج??يل سازش حڪمت عملي تحت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو ويو، عوام نالائقن، چورن ۽ مافيا کي موقعو نٿي ڏي، هي ??قيقت سمجهن عوام سڀ ڄاڻي ٿي.