اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ ازبڪ ثقافت واري وزير اوزد بيڪ نازابيڪوف ٻنهي ملڪن جي ريڊيو ۽ ٽ??ليويزن جي شعبن ۾ تعاون ??ي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان حوالي سان هڪ سادي ۽ پروقار تقريب هتي ٿي. گذريل ڏينهن جاري آفيشل ٽوئيٽ موجب اهو معاهدو ازبڪستان جي قومي ريڊيو ۽ ٽ??ليويزن ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽي وي ۽ ريڊيو جي شعبن ۾ تعاون ??ي لاءِ طئي ٿيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ ازبڪستان جي ثقافت واري وزير اوزود بيڪ نازابيڪوف معاهدي تي صحيحون ڪيون.