پنڊ دادن خان – 14 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جن ماڻهن جي ڪري پاڪستان جي معيشت جو ٻيڙو غرق ٿيو ملڪ ??نه?? جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي، عوام ان وقت تائين نواز شريف اينڊ ڪمپني کي معاف نه ڪندي، جيستائين اهي قوم جو ڦريل پئسو واپس نه ٿا ڪري ڇڏين، مخالف ڌر جو پنهنجو ڪو قد نه آهي، بلاول کي خبر آهي ته هو جهلم ۽ پنڊي مان ڪجهه سئو ماڻهو به گڏ نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ هو فضل الرحمان جي ڪلهي تي چڙهي مدرسي جي ٻارن جي زور تي سياست ڪري رهيو آهي، بلاول کي چوان ٿو ته هو زرداري جي سياست نه ڪري، هو بينظير ڀٽو ۽ پنهنجي ناني جي سياست ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ تقريب دوران شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقاتن سميت اهم سياسي معاملن تي ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جڳهه جڳهه تي ڀٽي رهيا آهن، پنجابي جي چوڻي آهي ”قربان وڃان ان ٿاڻيدار تي جنهن ماءُ جي ياد ڏياري ڇڏي“، قربان وڃان عمران خان تي جنهن اڄ ??نه?? سڀني چورن کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي، ا??ان اڳ ۾ ??نه?? کي چئي رهيا هئاسين ته اهي سڀ چور گڏ آهن ۽ اڄ سڀني ڏسي به ورتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ۽ سندس پٽ ڪيترن ئي سالن کان لنڊن ۾ ويٺل آهن، ??نه?? جا اپارٽمينٽس، بلڊنگز ۽ گاڏيون سڀني جي سامهون آهن، آخر ??نه?? جو خرچ ڪير کڻي رهيو آهي؟ هن چيو ته ا??ان جو نواز شريف ??ان ذاتي جهيڙو نه آهي، ا??ان صاف سٿري ڳالهه ڪريون ٿا ته قوم جو ڦريل پئسو قوم کي واپس ڪيو وڃي. هن چيو ته هي اهو پئسو آهي جيڪو پاڪستان جي عوام کان چوري ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ۾ هڪ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ چيو پئي ويو ته مهانگائي تمام گهڻي ٿي وئي آهي، مون چيو ته جن جي ڪري مهانگائي ٿي آهي ڇا پاڪستان ??نه?? کي واپس ڏئي ڇڏيون؟ هن چيو ته جن ماڻهن جي ڪري پاڪستان جي معيشت جو ٻيڙو غرق ٿيو، ا??ان جي چيلهه چٻي ٿي، ملڪ ??نه?? جي حوالي ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ٻاهر ويٺل آهن، ??نه?? جي جرئت نه آهي ته اهي پاڪستان اچي پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏين، نواز شريف هائيڊ پارڪ لنڊن جي سامهون هڪ ارب ڊالر جي پراپرٽي ٺاهي، مقصود چپڙاسي، مسرور احسن ۽ منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽس مان اربين رپيا شهباز شريف اينڊ فيملي کي منتقل ٿيا، ??نه?? ماڻهن پاڪستان جي عوام، مزدور ۽ واپاري کي ڦريو آهي، اڄ ماڻهو ڪهڙي منهن ??ان نواز شريف اينڊ ڪمپني جو ساٿ ڏئي رهيا آهن؟ هن چيو ته جيستائين اهي قوم جو پئسو واپس نه ٿا ڪري ڇڏين، پاڪستان جي عوام قطعي طور تي نواز شريف اينڊ ڪمپني کي معاف نه ڪندي. چوڌري فواد حسين چيو ته ا??ان پنهنجي تڪ جي عوام ??ان جيڪي واعدا ڪيا، پورا ڪيا، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ماضي ۾ پنڊ دادن خان تعلقي جا 70 سال ضايع ڪيا ويا. هن چيو ته ساڍا ٽي سال اڳ جڏهن اقتدار ۾ آيس ته هر ڪم نئين سري ??ان شروع ڪرڻو پيو، هتي گهٽيون ۽ رستا موجود نه هئا، علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي دستياب نه هو، اسڪول ۽ ڊاڪٽرز نه هئا، جهلم ضلعي ۾ 47 ڊاڪٽرز هئا، اڄ الحمدالله جهلم ۾ 800 ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف موجود آهي، ا??ان اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪئي، پاسپورٽ آفيس جهلم ۾ هئي، ا??ان پنڊ دادن خان جي اندر پاسپورٽ آفيس آندي، اي او بي آءِ جي آفيس به هتي قائم ڪئي.