اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان سعودي عرب جي گهرو وز??ر شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف بن عبدالعزيز آل سعود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??اڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر سعودي گهرو وز??ر جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. سعودي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي آزا??ي جي حوالي سان ??ن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي حڪومت پنهنجي سزا پوري ڪندڙ قيدين جي آزادي تي مثبت انداز ۾ غور ڪندي. صدر ”روڊ ٽو مڪه“ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان حڪومت ان جي توسيع ملڪ جي ٻين شهرن تائين ڪرڻ جي منتظر آهي. هن او آءِ سي ۽ ايف اي ٽي ايف جي سطح تي اڻٿڪ حمايت سان گڏوگڏ ڊسمبر 2021ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري ڪائو??سل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستان کي مالي مدد فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ صورتحال تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها افغان عوام کي انساني تباهي کان بچائڻ جي لاءِ ضرورت جي لحاظ کان انهن جي مدد ڪري. ان ??وقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. سعودي گهرو وز??ر ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي ٽيڪنيڪل ٽيمن پاران ??اڪستاني قيدين جي معاملي کي حل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن پاڪستان ۾ رهڻ دوران ??نهنجي وفد جي شاندار استقبال ۽ مهمان ??وازي تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر 20 لک کان ??ڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني ۾ سعودي عرب جي ڪردار ۽ تعاون ۽ خاص طور تي ڪورونا وبا دوران انهن سان انهن جي سُٺي سلوڪ کي ساراهيو.