اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موثر ۽ فعال بلدياتي ??ظام ملڪي ترقي جو ضامن هوندو آهي، ??عال بلدياتي ??ظام جي ذريعي عوام جا ڪيترائي مسئلا ??نهن جي چائٺ تي حل ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته بلدياتي ??ظام جو مقصد اختيارن جي هيٺين سطح تي ??نتقلي آهي، ??ن زور ڏنو ته ان نظام جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي سمورن طبقن خاص طور تي عورتن، ??وج??انن، آبادگارن ۽ واپارين کي هڪ جهڙي نمائندگي ڏني وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، شفقت محمود، خسرو بختيار، اسد عمر، فواد چوڌري، حماد اظهر، خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان خان، محمد بشارت راجا ۽ ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.