اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان جي صدارت ۾ چين جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، حماد اظهر، شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، اسد ع??ر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، سي پيڪ بابت خاص معاون خالد منصور ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ و??ير??عظم جي چين جي دوري جي دوران سيڙپڪاري، واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ روانگي واپا?? جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس منصوبن تي چيني عملدارن سان جاري ڳالهه ٻولهه تي بريفنگ ڏني وئي.