ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته پاڪستان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر ??ريقي سان ٿيڻ گهرجي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪم ناهي ٿيو، حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم شروع ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڪوارٽرز بابت گورنر هائوس سنڌ ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر ??ريقي سان ٿيڻ گهرجي، گهر ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي بنيادي ضرورت آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪم نه ٿيو. هن چيو ته حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم شروع ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي پاڪستان ڪوارٽرز ڪراچي جي قابل عمل حل تي هائوسنگ ۽ تعميرات واري و??ار?? ۽ وفاقي ڪابي??ا کي ساراهيو. صدر کي گذريل اجلاسن ج?? دوران ڪيل فيصلن تي ٿيندڙ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ هائوسنگ ۽ تعميرات واري و??ار?? جي عملدارن به شرڪت ڪئي.