اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفا??ي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پ??ڪستان جي قيام جو وڏو مقصد اقليتن جي حقن جو تحفظ هو، قائداعطم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي ??طا?? ۾ واضح ڪيو هو ته پ??ڪستان جي رياست ۾ اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ ڪرسمس جي تقريب کي ??طا?? ڪندي اطلاعات وا??ي وفا??ي وزير چيو ته ڪرسمس جي دلچسپ ۽ زبردست تاريخ آهي، هر نئين صدي ۾ ڪرسمس ۾ نوان رنگ ڀرجندا ويا، ڪرسمس کي سدائين خوشين جو ڏڻ تصور ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پ??ڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي مستقبل ۾ اقليتن جي ڪردار کي وڌيڪ ساراهيو ويندو، هن چيو ته اهڙي طرح جي تقريبن جو انعقاد ان لاءِ به ضروري آهي ته ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته رياست ۾ سڀني اقليتن جا ماڻهو شامل آهن. اطلاعات وا??ي وزير اطلاعات وا??ي وزارت ۽ اي پي پي ۾ ڪرسمس جي تقريب جي انعقاد کي ساراهيندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي خوشين جي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات وا??ي وفا??ي وزير ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي ملازمن ۾ سوويئنرز به ورهايا، تقريب ۾ اطلاعات وا??ي وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسين، انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد جاويد، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب، مسيحي ملازمن ۽ سندن گهرڀاتين سميت ٻيا به موجود هئا.