اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آرمي پ??لڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اچو ته گ??جي وچن ڪريون ته پوري قوم متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي ۽ نسلي تعصب پکيڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عن??رن جي نشاندهي ڪري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي، آئون اڄ پوري قوم کي اهو يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان آرمي پ??لڪ اسڪول سانحي کي 7 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن پوري پ??ڪستاني قوم کي ان دردناڪ سانحي جي ياد ڏياري ٿو جڏهن بزدل شرپسند عن??رن اسان جي قوم جي مستقبل، ه??ين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، اڄوڪو ڏينهن آرمي پ??لڪ اسڪول جي انهن بهادر استادن جي ياد ڏياري ٿو جيڪي پنهنجي شاگردن جي حفاظت لاءِ دشمن جي سامهون شيهي جي ديوار وانگر بيٺا ۽ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. وقت ٿابت ڪيو آهي ته بي شڪ دهشتگردي جو ڪو مذهب يا قوم ناهي هوندي، ان جي پويان اها بزدلاڻي سوچ هوندي آهي جيڪا پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ه??ين خالي معصوم ٻارن کي به استعمال ڪري سگهي ٿي، آرمي پ??لڪ اسڪول جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه ڏينديون، ان سانحي کانپوءِ بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور ٿيڻ بدران دهشتگردي جي خلاف وڌيڪ بلند ٿيا. پوري قوم متحد ٿي ۽ اسان نيشنل ايڪشن پلان تحت دشمنن کي انهن جي ٺڪاڻن ۾ ڳولي ڳولي نشانو بڻايو. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ پوري قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته دشمن پاڪساتني قوم جي حوصلن کي ڪڏهن ڪمزور نٿو ڪري سگهي.پاڪستان قوم جي عزم، حوصلي ۽ همت کي شرپسند عن??رن جڏهن ته ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي منهن جي کائڻي پ??ي، اڄوڪي ڏينهن اچو گ??جي وچن ڪريون ته پوري قوم متحد ٿي فرقيواراڻي، مذهبي، نسلي تعصب پکڙيندڙن، نفرت پکيڙيندڙن ۽ پنهنجي ناپاڪ سياسي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا اختيار ڪندڙن جي خلاف ايئن ئي بيٺل رهندي ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود انهن عن??رن جي نشاندهي ڪري ان جي ازالي ۾ رياست جو ساٿ ڏيندي. وزيراعظم آرمي پ??لڪ اسڪول جي شهيدن جي بلند درجن ۽ سندن وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي، وزيراعظم چيو ته قائداعظم جو فرمان آهي ته دنيا ۾ اهڙي ڪا به طاقت نه آهي جيڪا پاڪستان کي نقصان پهچائي سگهي.