اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) بين المذاهب هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي، موجوده حڪومت جي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن، جهڙيءَ ريت قوم اي پي ايس سانح?? تي متحد ٿي هئي اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ واقع?? تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو. مسيحي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئين پاڪستان تحت زندگي گذاريندڙن کي ڪا پريشاني ناهي، اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته موجوده حڪومتي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن. سيالڪوٽ ۾ هڪ چرچ ۾ بين المذاهب هم آهنگي تقريب جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، ان ۾ ما?? پاڻ شرڪت ڪندس. هن چيو ته قومي مسئلن ۽ دهشتگرديءَ جو حل قومي ايڪشن پلان ۾ آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي نظرثاني ٿي رهي آهي. گذريل حڪومتن ۾ نيشنل ايڪشن پلان صرف مسجدن جا لائوڊ اسپيڪر لائڻ تي محدود هو، وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان هڪ ميٽنگ ڪري چڪو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اي پي ايس سانحو ٿيو هو، ??ن عزم سان آغا?? ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان سڀني جو آهي، اسان پاڪستان جي بچاءَ ۽ ترقي لاءِ ملي ڪري ڪم ڪنداسين، جهڙيءَ طرح قوم اي پي ايس سانح?? تي متحد ٿي اهڙيءَ طرح ئي سيالڪوٽ واقع?? تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ ت??هين مذهب جو 137 شڪايتون آيون، جيڪڏهن ڪو توهين ڪري ٿو ته ان جي شڪايت کڻي عدالت ۾ يا پوليس وٽ وڃو، ??ن حوالي سان قانون موجود آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه آهي.