اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينڪنگ ??حت??ب 6 فيصلن جي خلاف نجي بئنڪ جي اپيلن کي رد ڪندي بئنڪنگ فراڊ جي 6 متاثر ماڻهن کي 8 لک 27 زار روپين ک??ن وڌيڪ رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي، صدر بئنڪنگ ??حت??ب جي فيصلن جي خلاف حبيب بئنڪ جي 5 جڏهن ته ميزان ??ئنڪ جي هڪ اپيل رد ڪندي نجي بئنڪن کي فراڊ متاثرين جي چوري ٿيل رقم انهن جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪيسن جي تفصيلن موجب شڪايت ڪندڙن محمد پرويز خان، ڪاشف لطيف، نعمت علي، انتظار احمد، آسيه منظور ۽ محسن شبير جا حيب بئنڪ لميٽيڊ ۾ اڪائونٽس هئا، انهن ماڻهن کي نامعلوم نمبر تان ڪال ڪئي وئي ۽ ڪال ڪندڙ ماڻهن پنهنجو پاڻ کي بئنڪ جي عملدار طور ظاهر ڪندي انهن کان ??اتي معلومات طلب ڪئي جيڪا کاتيدارن فراهم ڪئي، فراڊ ڪندڙ ماڻهن پرويز خان ??ي اڪائونٽ مان 3333000 روپيا، ڪاشف لطيف کان 140000 روپيا، نعمت علي کان 137489 روپيا، انتظار احمد کان 119848 روپيا، آسيه منظور کان 78780 روپيا ۽ شبير جي اڪائونٽ مان 20108 روپيا فراڊ جي ذريعي منتقل ڪيا، جنهن ک??نپوءِ کين بئنڪ مان ??نهن جي اڪائونٽس مان وڏي رقم نڪرڻ جا پيغام مليا، شڪايت ڪندڙن فراڊ جي ذريعي ڪڍيل رقم جي واپسي لاءِ بئنڪ سان ??ابطو ڪيو تنهن هوندي به کين ڪو به رليف فراهم نه ڪيو ويو جنهن ک??نپوءِ هنن ذاتي طور تي بئنڪنگ ??حت??ب سان ??ابطو ڪيو ته جيئن سندن شڪايتن جو ازالو ٿي سگهي، بئنڪنگ ??حت??ب پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته پيمنٽ سسٽم اينڊ اليڪٽرانڪ فنڊ ٽرانسفر ايڪٽ 2007ع جي شق 30 تحت فنڊز ٽرانسفر ڪرڻ جي سهولت آءِ بي/اي ايف ٽي چئنل شهرين کي فائدي ۽ نقصان ٻڌائڻ کانساوءِ مهيا ڪئي وئي آهي، جيتوڻيڪ اها سهولت بنا ٻڌائڻ جي فراهم ڪئي وئي آهي ان لاءِ ڪنهن به مالي نقصان کي ”صارف جي ذميداري?? قرار نٿو ڏئي سگهجي، بئنڪنگ ??حت??ب پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته جيڪڏهن بئنڪ فنڊز ٽرانسفر ڪرڻ جي سهولت آءِ بي/ايف اي ٽي کي آپريشنل نه ڪري ها ته شڪايت ڪندڙ مالي نقصان کان ??چي سگهيا پيا، هن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته بئنڪ قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد جو ڪو به ثبوت فراهم نه ڪري سگهي، ان لاءِ بئنڪ شڪايت ڪندڙن کي فراڊ ٿيل رقم جي ادئيگي ڪندي، بئنڪنگ ??حت??ب جي ان فيصلي جي خلاف بئنڪ صدر کي اپيل ڪئي، صدر پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته بئنڪن کي شڪايت ڪندڙن جي دعوائن جي نفي ۽ پنهنجي موقف جي دفاع جو پورو موقعو ڏنو ويو تنهن هوندي به بئنڪنگ ??حت??ب جي حڪمن کي واپس وٺڻ جي حوالي سان ??ئنڪ ڪو سبب پيش نه ڪري سگهي، صدر پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته بئنڪ قانون موجب پنهنجي قانوني ذميدارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، صدر بئنڪنگ ??حت??ب جي فيصلن جي خلاف بئنڪ جي سموريون اپيلون رد ڪري ڇڏيون.