اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته خيبرپختونخوا ۾ زيتون جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت خيبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو صوبائي وزير عاطف خان به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڏورانهن سياحتي ماڳن ت??ئي?? پهچ ۽ معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ ص??بي ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، خيبرپختونخوا م زيتون جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، اجلاس ۾ وزيراعظم ک?? خيبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ ص??بي جي سياسي صورتحال، ايندڙ بلدياتي چونڊن ۽ پارٽي معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم ص??بي ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.