اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافع خوري جي خ??اف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڏيندي چيو ته شوگر ??لن جي نگراني جي لاءِ ٽ??يڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن کنڊ جي اصل پيداواري ??قدار جو پتو لڳائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ کنڊ جي قيمت وڪرو ۽ ذخيره اندوزي جي خ??اف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، احتساب وارو صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينئر آفيسر موجود هئا جڏهن ته پنجاب جو صنعت وارو صوبائي وزير ميان اسلم اقبال ۽ چيف سيڪريٽري ??نجاب وڊيو لنڪ جي ذريعي ش??يڪ ٿيا. وزيراعظم کنڊ جي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي خ??اف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته شوگر ??لن جي نگراني لاءِ ٽ??يڪ اينڊ ٽريس سٽم لاڳو ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن کنڊ جي اصل پيداواري ??قدار جي خبر پئجي سگهي، ناجائز منافعو ڪمائيندڙ غريب عوام جا دشمن آهن ۽ رياست انهن عنصرن جي خ??اف سخت ڪارروائي ڪندي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري اجلاس کي آگاهه ڪيو ته صوبي ۾ کنڊ جي مقرر ڪيل وڪرو جي قيمت کي لاڳو ڪرڻ لاءِ س??ور?? ضلعي انتظاميه کي نگراني ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، ان ڏس ۾ ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعو ڪمائڻ ۾ ملوث ماڻهن جي خ??اف قانوني ڪارروائي جو عمل شروع آهي، ان کانسواءِ شوگر ??لڪن تي سي سي ٽي وي ڪئميرا به لڳايا ويا آهن جنهن جي مدد سان ڪمند جو مقدار ۽ پيداوار ٿيل کنڊ جي نگراني ڪئي ويندي، س??ور??ن شگر ??لن مان ڪرشنگ جي دوران روزاني جي بنياد تي معلومات به جمع ڪئي ويندي.