اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي مقرر ڪيل مدي ۾ ان جي تڪميل کي يقيني ??ڻائڻ ۽ پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولتن جو خاص خيال رکڻ جي هداي?? ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ملاقا?? ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي نئين ماڊل پناهگاهن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.
وزيراعظم هداي?? ڪئي ته پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولن جو خاص خيال رکيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ماڊل پناهگاهن جي تعمير سان مثال قائم ڪري رهي آ??ي، ماڊل پناهگاهن جي تعمير سان سرندي وارا ماڻهو ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ??ن ڪم ۾ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندا. هن چيو ته حڪومت پناهگاهن جي اسٽاف کي عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪري رهي آ??ي، پناهگاهن سان احسان ون ونڊو سينٽر بابت مستحق ماڻهن کي سهولتن تائين آسان پهچ ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ايڊوائيزري بورڊ جي جوڙجڪ مڪمل ڪئي وئي آ??ي، هر پناهگاهه جي لاءِ 4 رڪني ??نتظامي بورڊ به جلد جوڙيو ويندو، ايندڙ هڪ هفتي ۾ هر پناهگاهه لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم به جاري ڪيو ويندو. 4 پناهگاهن جي لاءِ مخصوص عمارتن جي تعمير جي سلسلي ۾ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آ??ي، پناهگاهن جي تعمير جو ڪم هڪ سال جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ون ونڊو سينٽر، مزدورن جي لاءِ ”ڪيش فار ورڪ“ پروگرام ۽ پناهگاهن کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪمرشل حصي جي تعمير ماڊل پناهگاهن ۾ شامل هوندي، موجوده پناهگاهن ۾ تعميراتي ڍانچي جي مرمت جو ڪم به منصوبي جو حصو آ??ي، پناهگاهن جي لاءِ مرڪزي ڊجيٽل ڊونيشن مينيجمينٽ سسٽم به هلندڙ سال جي آخر تائين م??مل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ بيت المال جو ايم ڊي ملڪ ظهير عباس کوکر به شريڪ هو.