اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جو پاڻ ۾ دل جو رشتو آهي ٻئي ملڪ مذهب، تاريخ ۽ اخوت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، ??عو??ي عرب سان اسان جا لاڳاپا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، وزيراعظم عمرا?? خان ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو، پاڪستاني عوام جي دل مڪي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ??عو??ي عرب جي 91 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 1932ع ۾ ??عو??ي عرب ۾ حجاز ۽ نجد کي گڏائي ??عو??ي عرب جو قيام عمل ۾ آيو جنهن کي نه رڳو مڊل ايسٽ پر دنيا جي تاريخ ۾ اهم مقام حاصل آهي، هن چيو ته شاهه عبدالعزيز 1902ع ۾ رياض ۽ 1903ع ۾ الحصه کي فتح ڪيو ۽ حجاز ۽ نجد کي هڪٻئي سان ڳنڍيو، اهڙي طرح آل??عو?? هڪ نئين مملڪت جو بنياد رکيو، ان جي تاريخ حيران ڪندڙ آ??ي ته ڪهڙي طريقي سان هنن ??عو??ي عرب جو بنياد رکيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جا لاڳاپا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، 1940ع ۾ جڏهن شاهه عبدالعزيز پنهنجي پنجن ڀائرن سان گڏ ڪراچي آيو ته اسان جا ??عو??ي عرب سان لاڳاپا هموار ٿيا، هن چيو ته 1946ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار آيو ته ??عو??ي عرب قائداعظم محمد علي جناح جي اپيل تي 10 هزار برطانوي پائونڊ آل انڊيا مسلم ليگ کي عطيو ڪيا، 1946ع جي آخر ۾ جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وئي ته ان جي وفد کي داخلا کان روڪيو ويو، ان وقت شاهه عبدالعزيز گڏيل قومن جي عهديدارن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي وفد کي گهرايو ۽ اهڙي طرح گڏيل قومن ۾ داخلا جي راهه هموار ڪئي، هن چيو ته شاهه عبدالعزيز جو جهڙي قسم جو تعلق قائداعظم آل انڊيا مسلم ليگ سان هو اهو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم حصو آهي، هن چيو ته 1960ع کانپوءِ پاڪستان جا ??عو??ي عرب سان دفاعي لاڳاپا ??ائ?? ٿيا، انهن لاڳاپن جي هڪ پنهنجي تاريخ آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمرا?? خان ۽ محمد بن سلمان جي ذريعي لاڳاپن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو آهي، اميد آ??ي ته اهي لاڳاپا هڪ نئين رخ ۽ نئين منزل تي پهچندا. هن چيو ته وزيراعظم جي خاص نمائيندي حافظ طاهر محمود اشرفي ??عو??ي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو ??عو??ي عرب سان دل جو رشتو آهي، پاڪستان جي هر ماڻهو جي دل مڪي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿو ۽ انشاءُ الله اهي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.