اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ڊيرا اسماعيل خان جو دورو ڪندو جتي هو آبادگار ڪارڊ ورهائيندو، وزيراعظم گومل زام ڊيم جي ڪمانڊ ايريا ۽ پي اي آر سي ايرڊ ريسرچ اسٽيشن جو به افتتاح ڪندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اڄ خيبرپختونخوا جي آباد??ار?? ۾ آبادگار ڪارڊ ورهائيند??، پهرين مرحلي ۾ صوبي ??ي پنج لک رجسٽرڊ آباد??ار?? مان 2 لک آباد??ار?? ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ ملڪ جي سڀني اي ٽي ايم مشينن تي استعمال ڪيا ويندا، پهرين مرحلي ۾ آباد??ار?? جي ڊيٽا بيس کي بهتر بڻايو ويندو ۽ انهن کي سبسڊي (مشنيري ان پٽ وغيره) فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ٻي مرحلي ۾ آباد??ار?? کي بنا وياج جي/ وياج جي گهٽ شرح تي قرض فراهم ڪيا ويندا ۽ فصلن جي انشورنس ڪئي ويندي، ان کانسواءِ انهن کي قدرتي آفتن جي صو??ت ۾ مالي امداد به فراهم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ صوبي ۾ زراعت جي فروغ لاءِ مالي سال 22 -2021ع دوران آباد??ار?? کي 1048.38 ملين روپين جي سبسڊي ڏني ويندي، ان کانسواءِ وزيراعظم گومل ايگري يونيورسٽي جي عمارت جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم گومل زام ڊيم جي ڪمانڊ ايريا ۽ پي اي آر سي ايرڊ ريسرچ اسٽيشن جو به افتتاح ڪندو.